راڳ ساگر

راڳ ساگر

راڳ ساگر

راڳ ساگر (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ميان پير بخش مير محمد مغل جو لکيل آهي، جنهن ۾ موسيقيءَ جي علم متعلق جامع ڄاڻ ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ موسيقيءَ جا مختلف ٺاٺ، انهن ٺاٺن سان لاڳو راڳ ۽ انهن راڳن جا بنياد آروهي امروهي توڙي سرگرم نهايت ئي سهڻي ۽ سليس انداز ۾ سمجھايل آهن، جنهن سان گڏ راڳن جا خيال ۽ طبلي متعلق معلومات، جن ۾ طبلي جا ٺيڪا، ٻول، ڳڻپ، ماترائون وغيره سمجھايل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ شيخ عزيز لکيو آهي، استاد منظور علي خان جو ڪتاب متعلق رايو پڻ ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ راڳ جو وڻ جي عنوان سان هڪ شڪل به ڏنل آهي. ڪتاب جي 37 ۽ 39 صفحن تي هارمونيم جي ٽنهي سبتڪن، تيور سر، ڪومل سر توڙي هارمونيم تي لڳندڙ هٿ جي آڱرين جو صحيح طريقيڪار سمجھايل آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 1955ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جو 200 صفحن تي مشتمل، ڊبل ڪرائون سائيز جو ٻيو ڇاپو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان 1997ع ۾ عبدالحميد آخوند ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.


لفظ راڳ ساگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو